ايس اين ڦيرواڻي پروفيسر

ايس اين ڦيرواڻي، پروفيسر: ھند ۽ سنڌ جو نامور اديب، تعليمي ماھر، سماج سڌارڪ ۽ پروفيسر شيوا رام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ جو جنم 1868ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. ھن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري، ايم. اي جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھن پنھنجي عملي زندگي جي شروعات بھ ان ئي يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي حيثيت سان ڪئي. ان عھدي تي ھي 1912ع کان 1924ع تائين فائز رھيو. شيوارام 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان نوڪري ڇڏي، اچي پنھنجي اباڻي شھر شڪارپور ۾ سماجي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو. ھي پھريون سماج سڌارڪ ھو، ھن سنڌ واھھ لڳ برف ۽ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا. سندس ئي ڪوششن سان شڪارپور ۾ ’پور ھائوس‘ جو وجود عمل ۾ آيو، پاڻ ڪيترو ئي عرصو شڪارپور ۾ ميونسپالٽيءَ جي مختلف عھدن تي ڪم ڪندو رھيو. شڪارپور ميونسپل پاران تعليم کي ترقي وٺائڻ لاءِ ھڪ ڪاميٽي ’پرائمري اسڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنھن جو چيئرمئن بھ ڦيرواڻيءَ کي ڪيو ويو. شيوارام، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪنئيا پاٺشالائون قائم ڪيون، ھن شڪارپور جي جهلڻ پاڙي ۾ گرلس مڊل اسڪول قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ سيتلداس تيرٿداس جي سھڪار سان موجوده ’ايشوري ٻائي گرلس ھاءِ اسڪول‘ جي شاندار عمارت هزاريدار وٽ ٺھرائي ان ۾ منتقل ڪيائين. ھن وقت اھو اسڪول ’گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول شڪارپور‘ جي نالي سان قائم آھي. ھن شڪارپور ۾ ٻارن ۽ عورتن جا صحت گهر، اسپتالون ۽ ڪنئيا ھنري گهر کان علاوه ’وڌوا منڊل‘ بھ قائم ڪرايا، جنھن ۾ ھنري سکيا ۽ ھٿ جي ھنر جي ڪرت ٿيندي ھئي. 1938ع ۾ شڪارپور ۾ ’پر ٻنڌڪ استري صحت ۽ سکيا سڌار منڊلي‘ جو بنياد وڌو ويو، جنھن جو سيڪريٽري ھن کي چونڊيو ويو. سندس تحريرون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن کان علاوه ڪاليج مخزن ۾ بھ شايع ٿيل آھن. پاڻ آخر تائين ’سنڌو ٽرسٽ بورڊ‘ جو ميمبر ٿي رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’تعليمي ڪورس‘ (1936ع)، ’ڪيف جو ڪتاب‘ (1937ع)، ’تعليمي من وديا‘ (1936ع)، ’راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر‘ (1938ع)، ’هندو مسلم ۽ انساني ايڪتا‘ (1939ع)، ’پنھنجي يونيورسٽي‘ (1941ع)، ’ڊالٽن رٿ موجب تعليم‘ (1929ع)، ’صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏھن قاعدا‘ (1947ع) ۽ ’ميونسپل افيشنسي (Municipal Efficiency)‘ 1926ع، ’مانٽيسوري سکيا‘، ’سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا‘، ’ڊيپڪرالي اسڪول‘، ’ايڪٽيھھ چڱا لڇڻ‘، ’ساٿ سکيا يا پنگتي جيون‘ ۽ ’اٿو ڪاديا‘ (سرسوتي منڊل شڪارپور پاران ڇپيل) ۽ ٻيا شامل آھن. سنڌيءَ ۾ ڪتابن کان سواءِ ھن ڪجهه انگريزي ڪتاب پڻ لکيا. پروفيسر ڦيرواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي سان گڏ، اُن ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ هو، جنھن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو